69وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتابُ وَجِيءَ بِالنَّبِيّينَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِيَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ ۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان نبيرو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.