53۞ قُل يا عِبادِيَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ ۚ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا ۚ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (منھنجي طرفان اُنھن کي) چؤ ته اي منھنجا اُھي ٻانھؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو (اوھين) الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نه ٿيو، ڇوته الله سڀ گناھ بخشيندو آھي، بيشڪ اُھوئي بخشڻھار مھربان آھي.