(چيوسون ته) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مُقرّر ڪيو تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نه ڪر جو (اھا) توکي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا تن لاءِ انھيءَ سببان سخت عذاب آھي جو حساب جو ڏينھن وساريائون.