10مَن كانَ يُريدُ العِزَّةَ فَلِلَّهِ العِزَّةُ جَميعًا ۚ إِلَيهِ يَصعَدُ الكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالعَمَلُ الصّالِحُ يَرفَعُهُ ۚ وَالَّذينَ يَمكُرونَ السَّيِّئَاتِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ ۖ وَمَكرُ أُولٰئِكَ هُوَ يَبورُ جيڪو مانُ گھري (سو ياد رکي) ته سڀ مانُ الله ئي کي آھي (اُن وٽان عزت ملندي آھي)، ڏانھس پاڪ سُخن چڙھندو آھي ۽ اُن (پاڪ سُخن) کي چڱو عمل مٿي چاڙھيندو آھي، ۽ جيڪي بڇڙاين جي رٿ ڪندا آھن تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ اُھا ٺڳي اُنھن جي ٽٽندي.