28فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذي نَجّانا مِنَ القَومِ الظّالِمينَ پوءِ جڏھن ٻيڙيءَ تي تون چڙھي وِھين ۽ تنھنجا سنگتي (به وِھن) تڏھن چؤ ته سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن ظالمن جي قوم کان اسان کي بچايو.