14ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظامًا فَكَسَونَا العِظامَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأناهُ خَلقًا آخَرَ ۚ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخالِقينَ وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي.