100لَعَلّي أَعمَلُ صالِحًا فيما تَرَكتُ ۚ كَلّا ۚ إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها ۖ وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ ته جيڪر جيڪي (اُتي) ڇڏيم ته آءٌ چڱا عمل ڪريان ائين (ڪڏھن ٿيڻو) نه آھي، بيشڪ اِھا ڳالھ آھي جا ھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا.