39أُذِنَ لِلَّذينَ يُقاتَلونَ بِأَنَّهُم ظُلِموا ۚ وَإِنَّ اللَّهَ عَلىٰ نَصرِهِم لَقَديرٌ جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي.