31حُنَفاءَ لِلَّهِ غَيرَ مُشرِكينَ بِهِ ۚ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَكَأَنَّما خَرَّ مِنَ السَّماءِ فَتَخطَفُهُ الطَّيرُ أَو تَهوي بِهِ الرّيحُ في مَكانٍ سَحيقٍ الله ڏانھن ھڪ طرفا ٿي (۽) ساڻس شريڪ مُقرّر ڪندڙ نه ٿي (پاسو ڪريو)، ۽ جيڪو الله سان شريڪ مقرّر ڪندو سو آسمان کان ڪِريو جنھن کي (مردار خور) پکي کڻي ويا يا کيس واءُ (اُڏائي) پري ھنڌ اُڇليو.