81كُلوا مِن طَيِّباتِ ما رَزَقناكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبي ۖ وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبي فَقَد هَوىٰ (۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو.