134وَلَو أَنّا أَهلَكناهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ آياتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ ۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا ته ضرور چون ھا ته اي اسانجا پالڻھار اسان ڏانھن پيغمبر ڇونه موڪليئي ته پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا.