جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سا الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (ته به) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو، پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.