You are here: Home » Chapter 2 » Verse 282 » Translation
Sura 2
Aya 282
282
يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ ۚ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ ۚ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ ۚ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذي عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيئًا ۚ فَإِن كانَ الَّذي عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ ۚ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم ۖ فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحداهُما فَتُذَكِّرَ إِحداهُمَا الأُخرىٰ ۚ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا ۚ وَلا تَسأَموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ۚ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهادَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا ۖ إِلّا أَن تَكونَ تِجارَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها ۗ وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم ۚ وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ ۚ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم ۗ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۖ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ ۗ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ

اي مؤمنؤ جڏھن ڪنھن ٺھرايل (مُدت) تائين قرض جو معاملو ڪريو تڏھن اُن کي لکو، ۽ اوھان جي وچ ۾ لکندڙ کي انصاف سان لکڻ گھرجي، ۽ جئن کيس الله سيکاريو تئن لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري پوءِ لکڻ گھرجيس، ۽ جنھن تي قرض آھي سو (مطلب) بيان ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجيس ۽ منجھانئس ڪُجھ نه گھٽائي، پوءِ جنھن تي قرض آھي سو جيڪڏھن اَٻوجھ يا ھيڻو ھجي يا بيان نه ڪري سگھي ته سندس سنڀاليندڙ کي اِنصاف سان بيان ڪرڻ گھرجي، ۽ پنھنجن (مسلمانن) مڙسن مان ٻه گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻه مڙس نه ھجن ته ھڪ مڙس ۽ ٻه زالون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) ته جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي، ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ ڏانھن) سڏيا وڃن ته انڪار نه ڪن، ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نه ٿڪجو، اِھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل بيھڪ وارو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي (به) ڏاڍو ويجھو آھي پر جيڪڏھن اوھان جو واپار رُوبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو ته اُن جي نه لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ جڏھن ڳنھو وڪڻو ته شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نه ڏکوئجي، ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ ته اُھو اوھان کي گُناہ آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.