You are here: Home » Chapter 2 » Verse 258 » Translation
Sura 2
Aya 258
258
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذي حاجَّ إِبراهيمَ في رَبِّهِ أَن آتاهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبراهيمُ رَبِّيَ الَّذي يُحيي وَيُميتُ قالَ أَنا أُحيي وَأُميتُ ۖ قالَ إِبراهيمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتي بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذي كَفَرَ ۗ وَاللَّهُ لا يَهدِي القَومَ الظّالِمينَ

(اي پيغمبر) تو اُنھن ڏانھن نه ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (انھيءَ مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي، جڏھن ابراھيم چيو ته منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو ته آءٌ (به) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو. ابراھيم چيو ته الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولھ کان اوڀار پوءِ ڪافر ھَڪو ٻَڪو ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.