You are here: Home » Chapter 2 » Verse 230 » Translation
Sura 2
Aya 230
230
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ ۗ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ ۗ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ

پوءِ جيڪڏھن اُن کي (ٽين) طلاق (به) ڏنائين ته اُن کانپوءِ (اُھا زال) اُن کي (ايستائين) حلال نه ٿيندي جيستائين (اُھا) ٻيو مُڙس پرڻي، پوءِ جيڪڏھن (اُن به) کيس طلاق ڏني ته جيڪڏھن ٻئي (ڄڻا) الله جي حدن کي قائم رکي سگھڻ (جي پڪ) ڀانئين ٿا ته (تڏھن پاڻ ۾ نڪاح ڪري) موٽن ته ٻنھي تي گناھ نه آھي، ۽ اِھي اَلله جون حدون آھن اُنھن کي اُن قوم لاءِ بيان ڪندو آھي جي ڄاڻندا آھن.