You are here: Home » Chapter 2 » Verse 214 » Translation
Sura 2
Aya 214
214
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم ۖ مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ آمَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ ۗ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ

(اي مسلمانؤ اوھين) ھن ھوندي به بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟ جو اڃان اوھان کي اُنھن جي حالت نه آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏُک پُھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس هُئا (تن دُعا گُھري) چيو ٿي ته الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ (چيو وين ته) ھوشيار رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي.