You are here: Home » Chapter 2 » Verse 196 » Translation
Sura 2
Aya 196
196
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ ۚ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَديِ ۖ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَديُ مَحِلَّهُ ۚ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ ۚ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَديِ ۚ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلاثَةِ أَيّامٍ فِي الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم ۗ تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ۗ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِي المَسجِدِ الحَرامِ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ

۽ حج ۽ عُمرو الله (جي راضپي) لاءِ پورو ڪريو، پوءِ جيڪڏھن روڪيا وڃو ته جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا لازم آھي)، ۽ پنھنجا مٿا تيسين نه ڪوڙايو جيسين قرباني پنھنجيءَ جاءِ تي (نه) پھچي. پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار ھجي يا سندس مٿي ۾ اھنج ھجي (ته جي وقت کان اڳيئي ئي ڪوڙايائين) ته روزا يا خيرات يا قرباني عوض ڏيڻ (لازم) آھي، پوءِ جڏھن بي ڀَوَا ٿيو تڏھن جيڪو فائدو وٺي (يعني) عمري کي حج سان (گڏي) سو جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا ڪري). پوءِ جيڪو (قرباني) نه لھي (تنھن تي) حج (جي ڏينھن) ۾ ٽي ڏينھن روزا لازم آھن ۽ ست تڏھن جڏھن (سفرکان) موٽو، اِھي پورا ڏھ (روزا) آھن، اِھو (حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جنھنجو ڪٽنب تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو رھندڙ نه ھجي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله ڏاڍو عذاب ڪندڙ آھي.