19أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُماتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصابِعَهُم في آذانِهِم مِنَ الصَّواعِقِ حَذَرَ المَوتِ ۚ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكافِرينَ يا (سندن مثال اُنھي) آسماني برسات (وارن) جھڙو آھي جنھن ۾ اونداھيون ۽ گوڙ ۽ وڄ ھجي، اُھي پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪنن ۾، ڪڙڪن کان موت جي ڀَو ڪري وجھن، ۽ الله ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.