186وَإِذا سَأَلَكَ عِبادي عَنّي فَإِنّي قَريبٌ ۖ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ ۖ فَليَستَجيبوا لي وَليُؤمِنوا بي لَعَلَّهُم يَرشُدونَ ۽ (اي پيغمبر) جڏھن مُنھنجا ٻانھا توکان مُنھنجي پُڇا ڪن (تڏھن چؤ) ته آءٌ ويجھو آھيان، جڏھن (ڪو) مُون کي سڏي ٿو تڏھن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو تنھنڪري مُنھنجو حُڪم قبول ڪرڻ گھرجين ۽ مون تي ايمان آڻڻ گھرجين ته مانَ اُھي سُڌرن.