181فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ پوءِ جيڪو اُن (وصيّت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو ته اُن (ڦيرائڻ) جو گُناہ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.