155وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموالِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَراتِ ۗ وَبَشِّرِ الصّابِرينَ ۽ اوھان کي ڀوَ ۽ بک ۽ مالن جي ۽ جندن جي ۽ ميون جي گھٽتائيءَ مان ڪنھن شيء سان ضرور پرکينداسون، ۽ (اي پيغمبر) اُنھن صابرن کي خُوشخبري ڏي.