۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي چوندا آھن ته الله اسان سان ڇو نه ڳالھائيندو آھي يا ڪا نشاني اسان وٽ ڇو نه ايندي آھي؟ اھڙي طرح جيڪي کانئن اڳ هُئا تن سندن چوڻ وانگر چيو، سندن دليون ھڪ جھڙيون آھن، بيشڪ انھيءَ قوم لاءِ نشانيون بيان ڪيون اٿئون جيڪي ويساھ رکندا آھن.