۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي جنھن الله جي مسجدين کي منجھس سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين؟ اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻئي طرح گھڙڻ) نه جڳائيندو آھي، انھن لاءِ دُنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي.