47نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّالِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (اي پيغمبر) جنھن مھل توڏانھن ڪن ڏيئي جنھن (ٺـٺولي ڪرڻ جي ارادي) سان (قرآن کي) ٻڌندا آھن ۽ جنھن مھل ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن جڏھن ظالم چوندا آھن ته (اوھين) رڳو جادو ڪيل مڙس جي تابعداري ڪريو ٿا (تنھن مھل سندين انھن ڳالھين کي) چڱي طرح ڄاڻندا آھيون.