36رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ ۖ فَمَن تَبِعَني فَإِنَّهُ مِنّي ۖ وَمَن عَصاني فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ اي منھنجا پالڻھار انھن (بتن) ماڻھن مان گھڻن کي ڀُلايو آھي، پوءِ جيڪو منھنجي پويان لڳو سو بيشڪ منھنجو آھي، ۽ جنھن منھنجي نافرماني ڪئي ته تون بيشڪ بخشڻھار مھربان آھين.