18مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم ۖ أَعمالُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ في يَومٍ عاصِفٍ ۖ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ۚ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلالُ البَعيدُ جن پنھنجي پالڻھار کان انڪار ڪيو تن جي ڪرتوتن جو مثال انھيءَ ڪيريءَ جھڙو آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ۾ واءُ اڏائي، جيڪي ڪمايائون تنھن جي ذري تي پُھچي نه سگھندا، اھا ئي وڏي گمراھي آھي.