کيس (ھر حال ۾) سڏڻ حق آھي، ۽ (ڪافر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي (ٻي) ڪنھن (به) طرح ورندي ڏئي نه سگھندا (انھن سڏيندڙن جو مثال) رڳو انھيءَ (ماڻھوءَ) وانگر آھي جو پنھنجو ٻُڪ پاڻيءَ ڏانھن ھن لاءِ ڊگھيڙيندڙ ھجي ته پاڻي سندس وات ۾ پوي ۽ اُھو پاڻي سندس وات ۾ پوڻ وارو نه آھي، ۽ ڪافرن جو سڏڻ رڳو گمراھيءَ ۾ ھجڻ آھي.