94فَإِن كُنتَ في شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَاسأَلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتابَ مِن قَبلِكَ ۚ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ پوءِ جيڪي توڏانھن نازل ڪيوسون تنھن کان جيڪڏھن شڪ ۾ آھين ته جيڪي توکان اڳ ڪتاب پڙھندا آھن تن کان پُڇ، بيشڪ تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن حق آيو آھي پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ھُج.