۽ بني اسرائيلن کي سمنڊ کان (پار) لنگھايوسون پوءِ سندن پويان فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشي ڪرڻ لاءِ ايتري قدر سندن پُٺيان پيا جيسين ٻُڏا (فرعون) چيو ته ايمان آندم سچ آھي ته جنھن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي ۽ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.