31قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصارَ وَمَن يُخرِجُ الحَيَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَيِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ ۚ فَسَيَقولونَ اللَّهُ ۚ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ چؤ ته اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ ڪنن ۽ اکين جو ٻيو ڪير مالڪ آھي ڇا؟ ۽ ڪير جيئري کي مُئي مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير مُئي کي جيئري مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير ڪمن کي رٿيندو آھي، پوءِ سُتت ئي چوندا ته الله، پوءِ چؤ ته ڇونه ڊڄندا آھيو؟