(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته ڪھڙي مھل اچڻي آھي؟ چؤ ته انھيء جي خبر رڳو منھنجي پالڻھار وٽ آھي، الله کانسواءِ کيس سندس وقت تي ڪو پڌرو نه ڪندو، (اُنجي اچڻ جي مھل جي ڄاڻپ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڳري ٿي آھي (يعني ڪو سمجھي نه ٿو سگھي)، اُھا ته اوھان وٽ اوچتو ئي ايندي، (اي پيغمبر) توکان (ائين) پڇن ٿا جو ڄڻڪ تون اُنھن جو کوٽيندڙ (يعني جاچي معلوم ڪندڙ) آھين، چؤ ته اُن جي خبر الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن وٽ نه آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.