You are here: Home » Chapter 6 » Verse 99 » Translation
Sura 6
Aya 99
99
وَهُوَ الَّذي أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّاتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشابِهٍ ۗ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ ۚ إِنَّ في ذٰلِكُم لَآياتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ

۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ھر شي جا اوڀڙ ڄماياسون پوءِ اُن مان ساوڪ کي ڪڍيوسون پوءِ منجھانئس (سنگن ۾) گڏيل داڻا ڪڍون ٿا، ۽ کجيءَ جي چپڙن مان گوشا لڙڪيل ۽ ڊاکن جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ ٻئي جھڙا ۽ ڌار ڌار (پيدا ڪياسون)، جڏھن ڦرجن ته سندن ڦر ۽ ان جي پچڻ ڏانھن نھاريو، ڇوته اُن ۾ مڃيندڙ ٽولي لاءِ ضروري نشانيون آھن.