You are here: Home » Chapter 6 » Verse 108 » Translation
Sura 6
Aya 108
108
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ ۗ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ

(اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر ٽوليءَ لاءِ سندن ڪم سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.