You are here: Home » Chapter 5 » Verse 64 » Translation
Sura 5
Aya 64
64
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ ۚ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا ۘ بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ ۚ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيانًا وَكُفرًا ۚ وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيامَةِ ۚ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ ۚ وَيَسعَونَ فِي الأَرضِ فَسادًا ۚ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ

۽ يھودي چوندا آھن ته الله جو ھٿ تنگ آھي (يعني بخيل آھي)، سندن ھٿ بنديل ھجن جيڪي چيائون تنھن سببان لعنت ڪئي وين، (ايئن نه آھي) بلڪ سندس ٻئي ھٿ ڪشادا آھن جئن وڻندو اٿس تئن خرچيندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن جيڪو (قرآن) لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) کي بي فرمانيءَ ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو، ۽ قيامت جي ڏينھن تائين سندن وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ڇڏيوسون، جنھن مھل جنگ لاءِ باھ ٻاريندا (تنھن مھل) الله اُھا وسائيندو آھي ۽ فساد لاءِ مُلڪ ۾ ڪوشش ڪندا آھن، ۽ الله فسادين کي دوست نه رکندو آھي.