You are here: Home » Chapter 5 » Verse 116 » Translation
Sura 5
Aya 116
116
وَإِذ قالَ اللَّهُ يا عيسَى ابنَ مَريَمَ أَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذوني وَأُمِّيَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ ۖ قالَ سُبحانَكَ ما يَكونُ لي أَن أَقولَ ما لَيسَ لي بِحَقٍّ ۚ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ ۚ تَعلَمُ ما في نَفسي وَلا أَعلَمُ ما في نَفسِكَ ۚ إِنَّكَ أَنتَ عَلّامُ الغُيوبِ

۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن الله چوندو ته اي عيسىٰ پٽ مريم جا تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ ته الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي به خدا ڪري مڃيو، (عيسى) چوندو ته تون پاڪ آھين جنھن چوڻ جو مون کي ڪو حق نه آھي سو چوڻ مون کي ڪئن جڳائيندو ھو، جيڪڏھن مون اھو چيو ھوندو ته بيشڪ اُھو توکي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نه ڄاڻندو آھيان، بيشڪ تون ئي ڳُجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين.