You are here: Home » Chapter 5 » Verse 110 » Translation
Sura 5
Aya 110
110
إِذ قالَ اللَّهُ يا عيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتي عَلَيكَ وَعَلىٰ والِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِي المَهدِ وَكَهلًا ۖ وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتابَ وَالحِكمَةَ وَالتَّوراةَ وَالإِنجيلَ ۖ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيئَةِ الطَّيرِ بِإِذني فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذني ۖ وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذني ۖ وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذني ۖ وَإِذ كَفَفتُ بَني إِسرائيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّناتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ

جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو ته پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجي نعمت ياد ڪر، جڏھن توکي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن توکي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي ته مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي توکان جھليم جڏھن وٽم معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.